Duration 1:13

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44ورسي نوابشاهه ۾ ملھائي وئي China

109 watched
0
1
Published 5 Apr 2023

نوابشاھ: پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين، سابق وزير اعظم پاڪستان، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي هن ڀيري اعلي قيادت جي حڪم موجب ضلعي هيڊڪواٽرز ۾ ملهائڻ واري هدايت تي عمل ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي شهيد بينظير آباد جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران نوابشاھ جي حامد علي ڪلب ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ ڊويزنل صدر پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد بينظير آباد، سابق صوبائي وزير قانون ۽ ساهتي سرواڻ محترم ضياء الحسن لنجار، پ پ پ ضلعي شهيد بينظير آباد جي صدر علي اڪبر جمالي، پ پ پ ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ ، غلام قادر چانڈیو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل قرباني کي وساري نٿو سگهجي، ڀٽو صاحب اهو عظيم اڳواڻ هو، جيڪو عوام جي دلين تي هميشه ياد آهي ۽ رهندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترم بينظير ڀٽو صاحبه جي ڇڏيل مشن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان محترم آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ عوامي خدمت واري عمل ۾ مصروف عمل آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي مقبول ترين جماعت بڻجي چڪي آهي، ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ رئيس عاشق حسين زرداري، سليم رضا جلباڻي، خان بهادر ڀٽي، عاطف زیدی اسداللہ چنہ، امداد بھٹی،توصیف ڌامرہ،سيد غلام نبي شاھ،۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻ، ۽ ڪارڪنن سميت عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

Category

Show more

Comments - 0